ڏيپر گهانگهرو ڏيپر گهانگهري جا دڙا

ڏيپر گهانگهرو ڏيپر گهانگهري جا دڙا

ڏيپر گهانگهري مان لڌل گلدان

ڏيپر گهانگهري مان لڌل گلدان

ڏيپر گهانگهروڏيپر گهانگهري جا دڙا

ڏيپر گهانگهرو/ ڏيپر گهانگهري جا دڙا: سنجهوري تعلقي ۾ جهول کان 3 ميل ڏکڻ اوڀر طرف ٽنڊي آدم ايندڙ رستي جي ٻنهي پاسن کان ڪيترا دڙا نظر اچن ٿا، جن کي ڏيپر جو ٺل يا ڏيپر گهانگهري جا دڙا سڏجي ٿو. دلور جي دڙن کان ڏيپر گهانگهري تائين جيڪر ڏٺو وڃي ته دڙن ۽ ٺڪراٺي جو يڪو هڪ سلسلو نظر اچي ٿو.، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته 5-6 ميلن ۾ ممڪن آهي ته هي سڄي هڪ ئي شهر جا آثار هجن. 1854ع ۾ بيلاس ۽ رچرڊسن دلور جي دڙن سان گڏ هنن دڙن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ کوٽائي ڪرائي. سندن خيال ۾ هتي ان وقت جي وزيراعظم جي رهائش هئي ۽ مرڪزي حاڪم جو تختگاهه برهمڻ آباد دلور جي دڙن تي هوندو هو. 1884ع ۾ جنرل هيگ هنن آثارن کي برهمڻ آباد جي عظيم شهر طور سڃاتو، جيڪو ايراني بادشاههبهمن‘ جو قائم ڪيل هو. 1892ع ۾ راورٽيءَ خيال ظاهر ڪيو ته ڏيپر گهانگهري واري جاءِ تي ٻڌ ڌرم جي عبادت گاهه ’نووهار‘ هئي. ممڪن آهي ته هيءَ جاءِ برهمڻ آباد هجي. مشهور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به مٿئين نظريي جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڏيپر گهانگهري کي ئي برهمڻ آباد جا قديم آثار مڃي ٿو. پاڪستان جي محڪمه آثار قديمه هنن آثارن تي اڃا ڪنهن به قسم جي کوٽائي نه ڪرائي آهي. هينري ڪزنس هي ماڳ چڪاسيو هو. هو‘Antiquities of Sindh’ ۾ لکي ٿو ته برهمڻ آباد جي کنڊرن کان ڇهه ميل اتر اولهه طرف، ڏيپر گهانگهري وٽ ميدان جي کوٽائي ڪندي مختلف قسم جا ٺڪر جا ٿانو مليا. هڪ جاءِ تي ڪافي ٺڪراٺو موجود هو، جتان ٺپيل ٿانون جا ٽڪرا مليا هئا، جن تي گل ٻوٽا ٺپيل هئا. ان کانسواءِ ڏيپر گهانگهري وٽان بيشمار ڪوڏ ۽ سپون به مليون آهن. اتي اهي ڪوڏ ۽ سپون ايتري ته گهڻي تعداد ۾ هيون، جو سڄي جاءِ اڇي ٿي وئي هئي. انهن سَنکن مان چوڙيون ٺهنديون هيون. هتان شيشي جي مڻين جو به وڏو تعداد هٿ آيو آهي، اهي مڻيا شيشي جي پوري نليءَ کي ڪٽي ٺاهيا ويا هئا. توڙي جو انهن جو چلڪو ختم ٿي چڪو هو. شيشي جي مڻين کان سواءِ عام پٿرن جا مڻيا به مليا آهن، جن ۾ ڳاڙهو سرخ عقيق، ڦڪو لهريدار عقيق، ڪچي لوهه جو مڻيو، رتو پٿر، سائي ۽ ڳاڙهين ليڪن وارو عقيق، لاج ورد ۽ سنگ سليماني شامل آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي وينجهارڪو ڪم عروج تي هو. هتي وينجهارڪي ڪم جون ڪيتريون جايون هيون، جتان ڪيترا اڻ گهڙيا پٿر به مليا آهن. هتي مڻين تي اڪر جو ڪم به ٿيل ڏٺو ويو آهي. ڪن مڻين تي ڏاند ته ڪن تي شينهن اڪريل هو. اهو ڪم آخر ۾ سيوهڻ ۾ ٿيندي ڏٺو ويو هو.
جنرل هيگ ڏيپر گهانگهري کي ’سوانڊي‘ سڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن شهر جو ذڪر مجمل القواريءَ جي هڪ ڏندڪٿا ۾ به موجود آهي، جنهن موجب ڪشمير جي راجا، سنڌ تي حملي ڪرڻ وقت هي شهر جوڙايو هو. ڏيپر گهانگهري بابت مئڪمردي لکي ٿو ته هي ماڳ ديبل گهانگرو نالي سان به سڏجي ٿو. نظر وجهڻ سان ٺلهه واري ايراضي الڳ ٿلڳ نظر ايندي آهي. اها ايراضي، ان ايراضيءَ کان الڳ آهي، جيڪا ٺڪرين جي ڍير سان ڍڪي پئي آهي. اها ايراضي برهمڻ آباد جي کنڊرن کان ايراضيءَ ۾ ڏهين پتيءَ جيتري مس ٿيندي. اهو حصو جتي اڳي جايون هيون، اتي سڄي ڪاراڻ نظر اچي ٿي. وڏو دڙو ٻڌ ڌرم جو اسٽوپا آهي. ان جي اڏاوت ۾ وڏي ماپ جون سرون گاري سان ڪمايل آهن. هتان کوٽائي ڪندي اهڙيون رنگين شيون مليون آهن، جهڙيون ڪاهُو ۽ مير رڪڻ جي ٺلهه مان مليون هيون. ساڳيون شيون جنرل ڪننگهام کي پنجاب جي ٻوڌي ماڳن تان به مليون هيون. ڪيترن سالن کان وچ واري ٻڌ اسٽوپا جي چوڌاري پيل ايراضي مختلف ماڻهن کي الاٽ ٿيندي پئي وڃي، جن ڪافي زمين ٽريڪٽر ۽ بلڊوزرن سان سڌي ڪري آباديءَ لائق بنائي آهي. 1984ع ۾ به ٻڌ اسٽوپا جي آسپاس ڪيترن دڙن کي پٽ ڪري، ونئڻن جو فصل پوکيو ويو هو. هن تاريخي ماڳ کي بچائڻ ۽ ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو